سنڌ

شڪارپور ۾ ڪرپشن خلاف اينٽي ڪرپشن جي جاڳرتا ريلي

شڪارپور ۾ ڪرپشن واري ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪل آفيس کان شڪارپور پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شاگردن، صحت، روينيو، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين کاتن جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر منور علي پٺاڻ چيو ته ڪرپشن خلاف ريلي ڪڍڻ جو مقصد عوام ۾ ڪرپشن خلاف سجاڳي پيدا ڪرڻ آھي، ان لا ريلي ڪڍي ويئي آھي. ھن چيو ته شڪارپور جا ماڻھو ڪرپشن جي شڪايت ڪن، ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪنداسين. ريلي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سجاد حيدر قادري چيو ته اڄ ڪرپشن خلاف سجاڳي جو ڏينھن آھي، اسان سڀني کي ڪرپشن خلاف جھاد ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته عوام ڪرپشن جي نشاندھي ڪري ته جيئن ڪرپشن جو خاتمو ڪري سگھجي. ريلي ۾ اينٽي ڪرپشن عملدار اياز بھراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button