سنڌ

شڪارپور پوليس چئن ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

شڪارپور پوليس جي اسپشل ٽيم سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شھرن سان تعلق رکندڙ 4 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. جنهن ۾ شڪارپور سان واسطو رکندڙ ڳوٺ گل ٻرڙو واسي عطا محمد ولد باغ ٻرڙو، ميمڻ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ سلطان احمد ولد صادق علي، مٽياري واسي عبدالغفار ولد غلام رسول چنا، پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان واسي محمد طارق ولد ولي محمد شامل آھن جيڪي تيغاڻي گينگ، شاهاڻي گينگ ۽ جاگيراڻي گينگ جي ڌاڙيلن سان مسلسل رابطي ۾ھئا. ڌاڙيلن 4 ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو، سندن ڪال رڪارڊنگ جي مدد سان ايس ايس پي شڪارپور جي ٽيڪنيڪل ۽ اسپيشل ٽيم ڌاڙيلن سان رابطو ڪندڙن سان رابطو ڪري اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.ايس ايس پي جي پي آر او نسيم بخاري ٻڌايو ته عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن سان رابطي ۾ رهندڙ چار ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button