سنڌ

قمبر ۾ڳوٺاڻن جو بااثر وڏيرن جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر جي ڳوٺ ورک جي رهواسين اسرار احمد ميڪڻ، قربان علي ميڪڻ، خادم حسين ۽ محمد بچل ميڪڻ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان پنهنجي ڳوٺ ورک ۾ قديمي دور جا رهائشي آهيون. هن وقت بااثرن نجم الدين ورک، منور ورک ۽ غلام سرور ورک رڻ ٻاري ڏنو آهي، اسان گهرن ۾ چئن ڏينهن کان يرغمال بڻائي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪري ڳوٺ مان زبردستي لڏائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته اسان جي گهرن اڳيان پيل سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪري زوري دروازو لڳائي ڇڏيو آهي. بااثر وڏيرن اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button