سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال جي ڪڙ ميرو خان چوڪ سومرا محلي ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي ڇت زبون حال ٿيڻ سبب هلندڙ ڪلاس دوران ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رهيا. اهڙي واقعي کانپوءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ اٽڪل 350 کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائيندڙ آهن، تازو برساتن سبب اسڪول جي ڇت زبون حال ٿيڻ تي هيڊ ماستر ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي انجنيئر کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ درخواستون ڏنيون جنهن بعد انجنيئر اچي ماپ ڪري اسڪول جي عمارت جي مرمت جي خاطري ڪرائي پر اڃان تائين مرمتي ڪم شروع ناهي ٿيو، جنهن جي لاپروهي سبب اڄ اهڙو واقعو پيش آيو آهي. هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽر اسڪولس لاڙڪاڻي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته عمارت جو مرمت ڪرائي شاگردن جي زندگين کي محفوظ بڻائي ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button