صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان بيوقوف ۽ ذهني طور تي مفلوج آهي، ان کي جيڪو به اچي ڪجهه ٻڌائيندو آهي ته بغير سوچڻ سمجهڻ جي شروع ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپر بابت صحيح فيصلو ڏنو آهي. اهو ڪيس اسان جي حڪومت ۾ نه پر گذريل چار سالن کان هلندو پيو اچي، پي ٽي آئي جي ٻن ايم پي ايز فريال ٽالپر خلاف ڪوڙي الزام جي بنياد تي اثاثا لڪائڻ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته اهي شنوائي تي به غير حاضر رهيا، جنهن تي اليڪشن ڪميشن پاڪستان انهن جي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي. بعد ۾ پي ٽي آئي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻيهر درخواست جي شنوائي جي اپيل ڪئي هئي. ان تي اليڪشن ڪميشن ٻيهر پڻ شنوائي ڪري فيصلو محفوظ ڪيو. گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو آهي. هنن چيو ته عمران خان فريال ٽالپر کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، عيد جي رات ڪوڙي ڪيس ۾ کيس اسپتال مان جيل موڪليو ويو. هنن چيو ته عمران خان نيب، ايف آئي اي کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو. اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي تهذيب ۾ عورتن جو خاص احترام ڪيو ويندو آهي پر عمران خان اسان جي روايتن کي نقصان پهچايو ۽ عورتن کي پڻ ناهي بخشيو. فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو جيڪو عمل بدترين انتقام جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان چئن سالن تائين مخالفن ۽ سندن گهر ڀاتين تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا. ايمنسٽي اسڪيم کي عمران خان چور، ڌاڙيلن جي اسڪيم قرار ڏنو هو، ان مان ان جي ڀيڻ عليمه خان فائدو کنيو. پيپلز پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ ايمنسٽي مان فائدو ناهي کنيو. هن چيو ته جنهن کي هو ويچاري چوندو آهي اها ويچاري گوگي ملڪ مان ڇو فرار آهي، جيڪا تحصيلدار کان وٺي ڊي سي ۽ ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪرائيندي هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو پورو فوڪس ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي آهي، هن وقت جڏهن اسان پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون ان وقت به وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه برسات متاثر ٿيل علائقن جي دوري تي آهن، آبپاشي وارو وزير ۽ پوري انتظامي مشينري انهن سان گڏ آهي ۽ متاثر ٿيل علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي جي عمل جي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ هر هنڌ برسات جي تباهڪارين ۽ متاثرن جي مدد جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ ان لاءِ عالمي سطح تي ماحولياتي انصاف گهري رهيو آهي. ٻي طرف هڪ فراڊي شخص برسات متاثرن جي نالي تي چندو ورتو، جيڪو متاثرن تائين ناهي پهتو ۽ نه ئي عمران خان پاڻ متاثرن تائين پهتو. هن گهرو کاتي جي وفاقي وزير رانا ثنا الله کان مطالبو ڪيو ته خدا جي واسطي عمران خان ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪي پيسا جمع ڪيا، وفاقي حڪومت اهي پيسا سرڪاري تحويل ۾ وٺي. هي عوام جو پيسو آهي، هن چيو ته عمران خان اقتدار لاءِ تڙپي رهيو آهي، ان جي ننڊون حرام آهن، هو چاهي ٿو ته ٻيهر حڪمران ٿيان مفت جون مانيون ٽوڙيان، تحفا وٺان ۽ وڪرو ڪيان ۽ هيلي ڪاپٽر ۾ مارگلا جي پهاڙن جو سير ڪيان. هن چيو ته عمران خان جي خواهش آهي ته پاڪستان کي نقصان پهچي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ٻه ڀيرا ختم ڪئي وئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي ادارن جي خلاف سازش نه ڪئي. هن چيو ته عمران خان چور، ڌاڙيل ۽ پيداگير آهي، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ عمران خان ۽ سندس نااهل ٽولي جو ڪردار آهي، عمران خان جي دور ۾ ملڪ جي معيشت جادوگرڻي هلائيندي هئي، هن قوم جا فيصلا جادو ٽوڻي سان دٻي ۾ پرچيون ڪڍي ڪيا. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ ڪيترا ناڻي وارا وزير تبديل ٿيا، ڪيترا اسٽيٽ بينڪ جا گورنرز تبديل ٿيا. عمران خان پوري قوم سان مڪاري ڪئي، ان جو هڪ ئي ايجنڊا آهي، اقتدار سان چنبڙي رهڻ. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جنرل (ر) باجوا جي خلاف نفرت انگيز مهم هلائي پئي وڃي، هاڻي ته سندس پنجاب ۾ اتحادين چيو آهي ته ان کي قمر جاويد باجوه صاحب چيو هو ته عمران خان جي طرف وڃڻو آهي، عمران خان احسان فراموش ماڻهو آهي. هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته نيوٽرل جانور ٿيندا آهن، هاڻي چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان پنجاب ۾ ايف آئي آر داخل نٿو ڪرائي سگهي ته ان کي ٻڏي مرڻ کپي. صوبائي وزير چيو ته پنجاب جو وزيراعليٰ به سمجهي ٿو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهايا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close