ڍوري ناري جي ها اسڪول ۾ ٻن ڏينهن وارو سائنسي ۽ ثقافتي ميلو لڳايو ويو، جنهن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجي ڪيو. ميلي ۾ شاگردن مختلف سائنسي ۽ ثقافتي اسٽال لڳايا، جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، مختلف اسڪولن کان آيل شاگردن ۽ استادن سائنسي ۽ ثقافتي اسٽال گهمي ڏٺا ۽ شاگردن کي ڀرپور داد ڏنو. ان موقعي تي ڊي سي ڊاڪٽر ايم بي راجا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھا اسڪول ڍورونارو جي استادن ۽ شاگردن پاران سائنسي ۽ ثقافتي ميلو ڪرائڻ بھترين عمل آهي، ان سان ٻارڙن ۾ شعور، سائنس ۽ ثقافت ڏانهن رجحان پڻ وڌي ٿو، اھڙيون غير نصابي سرگرميون ضرور ٿيڻ گهرجي، شاگردن کي مستقبل ۾ سائنس سمجھڻ ۾ مدد ملندي. ٻئي طرف سائنسي ثقافتي ميلو اڄ به جاري رھندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close