سنڌ

تڪبندين تي ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪيا ويندا:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي نئين تڪبندين واري معاملي تي قانوني مشاورت ڪري رهي آهي. هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته نيون تڪبنديون ٽيڪنيڪل آهن ۽ ان معاملي کي ڏسي رهيا آهيون. ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪري رهي آهي، جيئن ئي ڪا سٺي موٽ ملندي ايم ڪيو ايم کي آگاهه ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجا خدشا سامهون رکيا آهن،سندن خدشن کي ختم ڪيو ويندو، اسان آئين ۽ قانون جي دائري ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ رهندي فيصلو ڪنداسين. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪجهه شيون حڪومت، ڪجهه اليڪشن ڪميشن ۽ ڪجهه شيون عدالت جي هٿ ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button