سنڌ

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير نٿا ڪري سگهون: چيف اليڪشن ڪمشنر

چيف اليڪشن ڪمشنر مڪاني چونڊن بابت ايم ڪيو ايم جا الزام ۽ اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي ٻٽي اليڪٽورل لسٽن واري معاملي بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي شنوائي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير نٿا ڪري سگهون، چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم جي وڪيل کي چيو ته توهان غلط بياني ڪري رهيا آهيو ته ٻٽيون اليڪٽورل لسٽون استعمال پيون ٿين. چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته اسان توهان جي ڳالهه کي رد ڪيون ٿا، توهان سمجهو ٿا ته توهان اليڪشن ۾ دير ڪرائي وٺندا، توهان جا هيل تائين جا دليل اڻ لاڳاپيل آهن، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button