سنڌ

امن بحالي ۾ ناڪامي تي ايس ايس پيز کي بدلي ڪرڻ جي هدايت

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شھر کي اسٽريٽ ڪرمنلز کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آءِ جي پوليس ھدايت ڏيندي چيو تھ ايس ايس يو ۽ ريزرو پوليس کي روڊن تي متحرڪ ڪيو وڃي تھ جيئن شهر کي اسٽريٽ ڪرمنل کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ضلعي پوليس جي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته شهر جي پوليس اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي کي پنهنجو مشن بڻائي. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪندي چيو ته ناڪامي جي صورت ۾ لاڳاپيل ايس ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي فوري طور بدلي ڪيو وڃي. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هاٽ اسپاٽ تي پوليس، ريزرو ۽ ايس ايس يو فورسز کي مقرر ڪيو وڃي ۽ نگرانيءَ لاءِ پوليس گشت ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ انهن جون تصويرون ۽ ڊيوٽي ھنڌ سان گڏ مقرري وارو پلان پڻ شيئر ڪيو وڃي. هن آءِ جي پوليس کي اها به هدايت ڪئي ته ڏوهارين خلاف ڪيل ڪارروائين سان گڏ سندن گرفتارين جي تعداد بابت به آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ کي ضروري ھدايتون ڏئي ڏوھارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏياري سگھجي. سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته عادي ڏوھارين، اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ منشيات فروش خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جو عوام امن امان واري خراب صورتحال ۽ دهشتگردن سميت ٻين ڏوهارين جي هٿان تباهي ڏسي چڪو آهي. هن چيو ته پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي فرض جي ادائيگي ۾ ڪيترين ئي قربانين کانپوءِ ڪراچي جي عوام جي سهڪار سان امن امان بحال ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي هن شهر جي عوام کي اسٽريٽ ڪرمنلز جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، اسان سڀني کي گڏجي اسٽريٽ ڪرائم جو خاتمو آڻي شهرين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻو پوندو. وڏي وزير جي هدايتن تي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس غلام نبي ميمڻ سٽي پوليس، ايس ايس يو ۽ ريزرو فورسز کي ضلعي پوليس جي مدد لاءِ متحرڪ رهڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button