سنڌ

حيدرآباد ۾ شوروم مان هڪ ڪروڙ جون 2 گاڏيون چوري، ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

حيدرآباد جي علائقي حالي روڊ مان چور ڪار شوروم جا تالا ٽوڙي 2 قيمتي گاڏيون چوري ڪري ويا آهن. حالي روڊ تي مانجي اسپتال جي سامهون قائم شو روم جا تالا ڀڃي چور اندر بيٺل هڪ ڪرولا ۽ هڪ پراڊو گاڏي ڪاهي ويا، چوري ٿيل گاڏين جي ماليت هڪ ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي، بعد ۾ ڪار جي شو روم مالڪن گڏ ٿي حالي روڊ ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڪار شو رومز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شبير ميمڻ، ياسين بهڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته شو رومن مان گاڏين جي چوري جي آزار سبب مالڪ سخت پريشان آهن، گذريل سال به قاسم آباد جي مختلف علائقن مان چور مختلف شو رومن جا تالا ٽوڙي قيمتي گاڏيون چوري ڪري ويا هئا، جيڪي اڃا تائين واپس نه ٿي سگهيون آهن. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن چوري ٿيل گاڏيون واپس نه ٿيون ته احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. هوڏانهن شو روم مالڪن جي احتجاج بعد حالي روڊ ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف گاڏين جي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او حالي روڊ نثار شاهه شو روم مالڪن کي گاڏيون واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button