سنڌ

ذخيرو ڪندڙن شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اگهن ۾ هٿرادو واڌ ۽ ذخيري جو سخت نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته ضلعي انتظاميا پاران اگهن تي ضابطو آڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته تباهي واري ٻوڏ ۽ تيز برساتن بيٺل فصلن خاص ڪري ڀاڄين کي تباهه ڪيو، تنهنڪري طلب ۽ رسد جي وچ ۾ فرق وڌي ويو آهي. هن چيو ته ذخيرو ڪندڙن صورتحال جو فائدو وٺي ڀاڄين، ميون ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ شين جا اگهه آسمان تائين وڌڻ لڳا آهن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ مارڪيٽن ۾ قيمتن جي چڪاس شروع ڪري. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪن ته هو ضلعي انتظاميا کي موبائيل فونن تي پرائس لسٽ، شين جي اسٽاڪ ۽ مارڪيٽ ۾ سپلاءِ چيڪ ڪن. هن چيو ته آئون اگهن ۾هٿرادو واڌ ۽ شين جو ذخيرو برداشت نه ڪندس. وڏي وزير اهو به چيو ته ضلعي انتظاميا مارڪيٽ جي ضرورت جو اندازو لڳائي مارڪيٽن ۾ ضروري شين جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ڪمشنرن کي ضروري هدايتون جاري ڪندي کين چيو ته هو پنهنجي روزاني سرگرمين تي نظر رکن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button