سنڌ

پیيپلز اليڪٽرڪ بس جي پھرين روٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي

اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي پھرين روٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، شھرين جي سھولت لاءِ پاڪستان جي پھرين اليڪٽرڪ بس سروس جي شروعات فوري طور ڪئي وڃي. اھڙيون هدايتون صوبائي وزير ڪالهه پنھنجي آفيس ۾ پيپلز بس سروس بابت ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جون نيون بسون خريد ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ وڌيڪ روٽس تي بسون هلائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس جي روٽس تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس جون وڌيڪ بسون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تنھن ڪري بسن جي خريداري جو عمل تيز ڪيو وڃي. ھن چيو ته پيپلز بس سروس عوام ۾ بي پناهه مقبوليت ماڻي آهي، شھري وڌيڪ روٽس تي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، پي ڊي اين آر ٽي ايس صهيب شفيق، آپريشنز مئنيجر عبدالشڪور آرائين، اي ڊي ليگل ايس ايم ٽي اي بشير احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
پیيپلز اليڪٽرڪ بس

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button