سنڌ

عمران خان! ڪيستائين ملڪ خلاف سازشون ڪندا رهندا:شرجيل ميمڻ

اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، عمران خان ۽ پي ٽي آئي اڳواڻن پاران ڊونرز ڪانفرنس بابت ڏنل بيانن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي وطن جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ماحولياتي انصاف جو مقدمو عالمي برادري سامهون ڪاميابي سان پيش ڪيو آهي، ڪامياب سفارتڪاري کي پنڻ سان تشبيھه ڏيڻ ملڪ ۽ قوم جي توهين برابر آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام پنهنجي بيان ۾ چيو ته پرڏيهي وزير جي حيثيت سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي باوقار سفارتڪاري جي دنيا معترف آهي. ڏاهپ، محنت ۽ بهادريءَ سان ڪيس پيش ڪرڻ جي وراثت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رت ۾ شامل آهي. عمران خان جهڙا ماڻهو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وقار ۽ معيار کي پرکڻ کان عاري آھي. هن چيو ته قومي قيادت ۽ خاص طور چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪاوشن ۽ محنت سان پاڪستان وڏي ڪاميابي ماڻي آهي، جنيوا ڪانفرنس حڪومت پاڪستان ۽ دنيا جي سڀني کان وڏي آرگنائيزيشن گڏيل قومن جي گڏيل ميزباني ۾ منعقد ڪئي وئي. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ڪانفرنس ۾ موجود رهيو، ڪانفرنس ۾ آئي ايم ايف، اسلامي ترقياتي بينڪ، يورپي يونين، عالمي بينڪ، يو ايس ايڊ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ، ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ سميت عالمي ادارن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري جو اسان کي شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ته هنن پاڪستان جي ڪال تي انتهائي مثبت انداز ۾ جواب ڏنو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خان صاحب ڪيستائين توهان ۽ توهان جي جماعت پاڪستان جي ايجنڊا ۽ مفادن خلاف سازشون ڪندا رهندا، خان صاحب ڪيستائين توهان ٻوڏ متاثرن سان دشمني ڪندا رهندا ؟ سخت سياري جي موسم ۾ لکن جي انگ ۾ خاندان امداد جا منتظر آهن، صوبائي وزير عمران خان ۽ پي ٽي آئي کان سوال ڪيو ته ٻوڏ متاثر معصوم خاندانن آخر اوهان جو ڇا بگاڙيو آهي؟ خان صاحب توهان پاڪستان ۾ عالمي امداد کي بار بار روڪڻ جي ناڪام ڪوششن ۾ ڇو مصروف آهيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي پوري زندگي چندي ۽ خيرات جي ٽڪڙن تي گذاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button