سنڌ

آصف زرداري جون ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ جون ڪوششون

ايم ڪيو ايم پاران حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جي خدشن کانپوءِ آصف زرداري خالد مقبول صديقي سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي ڳالهايو، آصف زرداري خالد مقبول صديقي کي خاطريون ڪرايون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر گڏجي ويهي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کان استعيفائون طلب ڪيون آهن. بهادرآباد ۾ ٿيندڙ رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينا ۽ حڪومت کان عليحدگي سميت ٻين آپشنز تي غور ڪيو. خواجا اظهار موجب رابطا ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن جي راءِ آهي ته 15 جنوري تي مڪاني چونڊون ٿيون ته حڪومت کان ڌار ٿي وينداسين، حتمي فيصلو سڀاڻي ايم ڪيو ايم جي جنرل ورڪرز اجلاس ۾ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button