سنڌ

آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري ۾ سمورن ماڻهن جي باقاعدگي سان ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن کي گهرجي ته گهرن جي سمورن فردن جي ڳڻپ کي يقيني بڻائين. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آدمشماري بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، صوبائي سيڪريٽريز ۽ سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وڏي وزير سنڌ چيو ته مان چاهيان ٿو ته آدمشماري ۾ سمورن ماڻهن جي باقاعدگي سان ڳڻپ ڪئي وڃي، مردم شماري قومي فرض آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته هي هڪ ڊجيٽل مردم شماري آهي ۽ ٽيبليٽ ذريعي ڊيٽا داخل ڪئي پئي وڃي. مردم شماري جي آگاهي مهم کي تيز ڪيو وڃي ۽ ٻهراڙي سطح تي سڀني گهرن ۽ آبادگارن جي ڳڻپ کي يقيني بڻايو وڃي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي 100 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هر ٻن هفتن کانپوءِ اسلام آباد سڏايو ويندو آهي، گذريل چئن مهينن کان فيصلو محفوظ آهي پر ٻڌايو نه پيو وڃي. هن چيو ته ڪالهه معلوم ٿيو ته جج موڪل تي آهي تنهنڪري هو اسلام آباد نه ويو. هن اهڙو اظهار ارڙهين “مائي ڪراچي: اوسيس آف هارموني” عالمي نمائش افتتاحي تقريب کي بطور مهمان خاص خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير جو ايڪسپو سينٽر پهچڻ تي اڳوڻي چيئرمين ڪي سي سي آءِ زبير موتي والا ۽ ڪي سي سي آءِ جي صدر طارق يوسف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام ۽ مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه پڻ موجود هئا. “مائي ڪراچي – اوسيس آف هارموني” جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته مائي ڪراچي نمائش ۾ خاص مهمان طور دعوت ملڻ تي کيس خوشي ٿي آهي ۽ ڪي سي سي آءِ جي ڪاميابين تي فخر آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي 100 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کين هر ٻن هفتن بعد اسلام آباد سڏيو وڃي ٿو، گذريل 4 مهينن کان فيصلو محفوظ آهي پر ان تي عمل ناهي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪالهه معلوم ٿيو ته جج موڪل تي آهي، تنهنڪري هو اسلام آباد نه ويو. هن چيو ته مائي ڪراچي نمائش 2004ع کان منعقد ٿي رهي آهي پر ڪرونا سبب گذريل ٽن سالن کان اها نمائش نه ٿي سگهي. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب ۽ دل آهي، وزيراعليٰ چيو ته هٿيارن ۽ منشيات جو ڪلچر افغان جنگ سان شروع ٿيو. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي محنت وگهي ڪراچي هن وقت 125 هين نمبر تي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ٿيو، جنهن ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا، جنهن ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي، آپريشن ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ رينجرز حصو ورتو. هن چيو ته ملڪ جي چئن صوبن ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، سڄي ملڪ ۾ گهمڻ کانپوءِ دهشتگرد ڪراچي پهچي ويا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهن ۽ وڙهندا رهندا. هن چيو ته ڪي پي او تي حملي کانپوءِ چيو ويو ته پي ايس ايل جون ميچون نه ڪرايون وڃن، پر مون چيو هو ته ميچون ٿينديون ۽ دهشتگردن کي شڪست به ڏينداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ اڳ ڪو ايونٽ نه ٿيندو هو پر هاڻي صورتحال تمام بهتر آهي جنهن جو ثبوت 2 مهينن ۾ آئيڊياز، نيوي ايگزيبيشن، پي ايس ايل ۽ هاڻي مائي ڪراچي ايونٽس منعقد ڪرڻ آهي. سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ جاري آدمشماري جي حوالي سان چيو ته سنڌ جي آبادي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي، آدمشماري جي طريقي ۾ ڏکائيون آهن. هن چيو ته سنڌ پوليس هن وقت پوليو مهم ۽ مردم شماري جي سيڪيورٽي ۾ مصروف آهي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي نمائش واقعي ڪي سي سي آءِ لاءِ هڪ تاريخي موقعو آهي، ڪي سي سي آئي پاران نمائش جو افتتاح سندس ارڙهن سالن جي سماجي خدمت ۽ محنت جو مظهر آهي. هن چيو ته ارڙهين ورلڊ مائي ڪراچي نمائش مرحوم سراج قاسم تيلي جي ڪراچي لاءِ شاندار خدمتن جو اعتراف آهي. 2004 کان وٺي هر سال هڪ عالمي واپاري ميلو ڪوٺائڻ هڪ وڏي شروعات آهي، نمائش پرڏيهي سيڙپڪارن کي مقامي ڪميونٽي سان ڳنڍڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ڪراچي ۾ معاشي سرگرمين سان ملڪ جو سافٽ اميج بحال ٿيو آهي، هو سندن ٿورائتو آهي جن مائي ڪراچي نمائش کي ڪامياب ميگا ايونٽ بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سمورن عالمي ۽ قومي نمائش ڪندڙن کي هن نمائش ۾ شرڪت لاءِ ڀليڪار چئون ٿا، ڪاروباري ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ هن نمائش مقامي ۽ عالمي نمائش ڪندڙن کي هڪ موقعو فراهم ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نمائش سان پاڪستان جي مصنوعات، پارٽنرشپ، لاڳاپن ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ واڌ ٿيندو، جڏهن ته هن نمائش سان ٻه طرفي واپار کي هٿي ملندي ۽ ڪراچي بابت منفي تاثر کي رد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر پاڪستان جي معاشي ترقي جي وڏي صلاحيت رکي ٿو، ڪمزور معيشت جي باوجود ڪراچي شهر پاڪستان جي جي ڊي پي، برآمدات ۽ آمدنيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ڪراچي شهر سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، سنڌ حڪومت پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ڪري سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي، اسان معاشي ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪاروباري لاڳت کي بهتر بڻائڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير سنڌ چيو ته نمائشن جو ڪردار ڪنهن به ملڪ لاءِ اهم هوندو آهي، صنعتي ترقي، روزگار ۾ واڌ ۽ خوشحالي لاءِ نمائشون ضروري آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڪي سي سي آءِ جي موجوده چيئرمين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان پاڪستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر سطح تي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، معيشت جي بحاليءَ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هر ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button