پيپلز پارٽي ٺٽو سٽي جي صدر عبدالعزيز پکيئڙو جي ڀاءُ ڪامريڊ عبدالقادر پکيئڙو ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ علامتي بک ھڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ڪامريڊ عبدالقادر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٺٽو سنڌ جو تاريخي ۽ قديمي شھر آھي پر هتي بديع الزمان جي دور کانپوءِ ڪنھن به ڪم ناھي ڪرايو، ٺٽي جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن. ھن چيو ته ھڪ خاموش شھر مڪلي آھي ۽ ٻيو زندہ لاشن جو شھر ٺٽو آھي، ٺٽي جا حڪمران ۽ ڪامورا هڪ ٻئي سان مليل آھن، ڪرپٽ ڪامورن جي ڪن مھٽ نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته سڀئي گڏجي ٺٽي کي لٽي رھيا آھن. ھن مطالبو ڪيو ته ٺٽي شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو جلد حل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close