سنڌ

دادو ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو ۽ بک هڙتال

دادو ۾ ڦڪا برانچ مان نڪرندڙ 4 شاخن خدا آباد، ڦڪا، بکراڻي ۽ پپري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج مظاهرو ڪري دادو ڪئنال جي پنج مور وٽ علامتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري ورتي. آبادگارن لعل محمد لنڊ، رب ڏنو کوسو، اسرار سرڪي، کبڙ کوسو، امداد کوکر، ليمون پنهور ۽ ٻين دانهيو ته دادو ڪئنال جي پنج مور وٽ وزير اعليٰ سنڌ جي زمينن لاءِ 4 دروازا مڪمل طور کليل آهن پر ڦڪا مائينر جو دروازو بار بار بند ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب سوين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. هنن چيو ته گذريل 3 مهينن کان آبپاشي آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، ڪوبه ڪامورو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن سبب مجبورن پاڪ ڪتاب کڻي هتي پهتا آهيون. هنن چيو ته چئني شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي، منڍ جا آبادگار آبپاشي عملي کي رشوت ڏئي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، جنهن سبب شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي نه ٿو پهچي. هنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته هن پاڪ ڪتاب جي واسطي پڇڙي جي آبادگارن کي زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رهندو.
دادو/بک هڙتال

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button