اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ عمران خان ھن ملڪ کي نقصان پھچايو ۽ ھاڻي ڳالھين جي ڳالھھ ڪري رھيو آھي، آصف علي زرداري صاحب اڳواٽ ئي چئي چُڪو آھي تھ عمران خان پھرين ملڪ ۽ قوم سان ڪيل زيادتين جي معافي وٺي پوءِ ڳالھيون ٿينديون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ عمران خان جي اعلانيل ڳالھين واري ڪميٽي جا اڌ ماڻھو روپوش آھي، اُنھن ماڻھن جون 9 مئي تي تخريبي سرگرمين ۾ ملوث ھجڻ جون تصويرون اچي چُڪيو آھن، عمران خان لاءِ آصف علي زرداري صاحب اڳواٽ ئي چئي چُڪو آھي تھ عمران خان پھرين، ملڪ، قوم ۽ عوام سان ڪيل زيادتين جي معافي وٺي اُن کانپوءِ ساڻس ڳالھيون ٿينديون. ھن چيو تھ عمران خان اوھان ھن ملڪ کي تمام گھڻو نقصان رسايو ۽ ھاڻي اوھان ڳالھين جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيو، عمران خان جو موقف ھو تھ مري ويندس پر ھنن ماڻھن سان ڳالھيون نھ ڪندس، پر ھاڻي اھوئي عمران خان اُنھن ئي ماڻھن سان ڳالھين لاءِ تڙپي رھيو آھي، آمريڪن ڪيپيٽل ھل تي حملو ڪندڙن کي 18 سال قيد جي سزا ملي، اوھان جا ڏوھھ تھ اُنھن کان بھ وڌيڪ خطرناڪ آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ القادر ٽرسٽ ڪيس جيان 9 مئي جي تخريبي ڪاررواين ۾ بھ موصوف خلاف اوپن اينڊ شٽ ڪيس آھن، 9 مئي تي حڪومت معصوم جانين جي زيان کان بچڻ لاءِ صبر جو مظاھرو ڪيو ۽ پوليس کي مظاھرو ڪندڙن کان فاصلي تي رکيو تھ جيئن ٽڪراءُ کان محفوظ رھي سگھجي.ھن چيو تھ مصطفيٰ ڪمال روايتي طور تي سنڌ جي وڏي وزير تي بنياد الزام مڙھيا آھن، مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي وفاقي حڪومت ۾ اتحادي آھي، جيڪڏھن توھان جو پنھنجي پارٽي ۾ ڪو مسئلو آھي تھ اُتي طئي ڪريو بي بنياد الزام تراشي نھ ڪريو. ھن چيو تھ جڏھن اوھان جي پارٽي ستل ھُئي تھ سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاھھ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن جي شھرين جي صحيح مردم شماري ۽ صوبي جي عوام کي صحيح نموني ڳڻائڻ لاءِ وڙھي رھيو ھو ۽ آواز اُٿاري رھيو ھو، رڪارڊ گواھھ آھي تھ سنڌ سرڪار صوبي جي عوام جي صحيح ڳڻپ لاءِ ھر فورم تي اثرائتي نموني آواز اُٿاريو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تھ پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ اھو بھ چيو ھو تھ مردم شماري صحيح نھ ٿيندي تھ اسان اتحاد کان نڪري بھ سگھون ٿا. ھن چيو تھ پاڪستان جون سڀني کان بھتري سرڪاري طبي سھولتون ڪراچي ۾ ميسر آھن، تعصب جون ڳالھيون مناسب ناھن، پيپلز پارٽي تعصب جي سياست کي رد ڪري ٿي. ماڻھو ھاڻي اوھان جي تعصبي ڳالھين ۾ نھ ايندا اُن ڪري اوھان ماحول خراب نھ ڪريو. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عمران خان کي اڃا تائين بلينڪيٽ رليف ملي رھيو آھي، 9 مئي جي واقعن کي پوري دنيا ڏٺو پر اُن باوجود عمران خان کي چيو ويو تھ مذمت ڪري ڇڏيو، ڇا ھي رليف ناھي؟ لاڏلي سان ايتري محبت ۽ ايتري رعايت ڇو ڪئي پئي وڃي؟ ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ بيروني ۽ اندروني پيغام رسائيندڙن ذريعي عمران خان کي اين آر او ڏيڻ جي سفارش ڪئي پئي وڃي. ھڪ سوال ۾ جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جن ماڻھن تي ايف آءِ آرز آھن اُنھن کي ڪابھ پارٽي رکڻ لاءِ تيار ناھي، پر جن خلاف ايف آءِ آرز ناھن اُنھن تي ڪوبھ اعتراض ناھي. ھن چيو تھ سسيلين مافيا ھي ئي آھي جو ايتري تخريبڪاريءَ کانپوءِ بھ جنھن کي ڪو گرفتار ڪري نھ سگھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close