سنڌ

سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، ڪيترائي قومي ڪارڪن گرفتار

ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن، قبيلائي جھيڙن، مھانگائي، ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت ۽ ٻين سنڌ دشمن مسئلن خلاف جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي. جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو گروپ) ۽ جسقم طرفان ڏنل هڙتال جي سڏ تي کي سنڌ واسين ڀرپور موٽ ڏني. حيدرآباد ۾ قاسم آباد، نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني، گدو چوڪ، وحدت ڪالوني، حسين آباد، جي آ ڪالوني ۽ لطيف آباد سميت شهر جي اڪثرن علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو ۽ روڊن تي گهٽ گاڏيون نظر آيون. لاڙڪاڻي ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، شاهي بازار، جيلس بازار، لاهوري پاڙو، باقراڻي روڊ، رائل روڊ، بندر روڊ، بئنڪ اسڪوائر روڊ، جناح باغ روڊ، اسٽيشن روڊ سميت ٻين هنڌن تي ڪاروبار بند رکيو ويو. هڙتال سبب شهر ۾ ٽريفڪ معمول کان گهڻي گهٽ رهي، جڏهن ته ضلعي پوليس طرفان ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڪثر علائقن توڙي مک چوڪن چوراهن تي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو، هڙتال سبب جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا کڻي موٽرسائيڪلن تي شهر جو گشت ڪيو. جسم ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. گهوٽڪي ۾ به شهرين پنهنجو ڪاروبار بند رکيو، شهر جي ڪاروباري مرڪزن شاهي بازار، سونارڪي بازار، ليڊيز مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ سميت ننڍو وڏو ڪاروبار بند رهيو، خيرپور ۾ احتجاج ڪندڙ قومي ڪارڪنن مٿان پوليس ڪڙڪي پئي ۽ 11 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڪارڪنن ۾ زيد ڦلپوٽو، سجاول ٽڳڙ، اصغر آزاد، فرمان سھتو، غلام حسين، عثمان ٽڳڙ، امير علي لاڙڪ، اوساما چنو، عبدالنبي ۽ رئوف مري شامل آهن. ڪارڪنن ٻڌايو ته مرڪزي سڏ تي پُر امن احتجاج ڪري رهيا هئاسين ته پوليس اسان مٿان ڪڙڪي پئي ۽ احتجاج ڪرڻ کان روڪيو. هوڏانهن نوابشاهه ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف هڙتال جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني وئي، شھر جا اڪثر ڪاروباري علائقا سڪرنڊ روڊ، اسپتال روڊ، مارڪيٽ روڊ، ڪپڙا مارڪيٽ، منو آباد، ايسرپورا، قاضي احمد موڙ، بانڪا رام روڊ، لياقت مارڪيٽ، موھني بازار، گول چڪرو ۽ ٻيا علائقا مڪمل طور بند رھيا، جڏھن ته شھر جا روڊ رستا مڪمل طور ويران نظر آيا. شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري ڪارڪنن شاهي بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا، قومپرست ڪارڪنن اسد الله سومرو، عمران منگي ۽ عرض محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ لکيدر کان شڪارپور پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. شهدادڪوٽ ۾ شاهي بازار، ڪوٽو موٽو چوڪ، سبزي منڊي، ريشم گلي، اسٽيشن روڊ، مستوئي پاڙو، سجاول چوڪ، ڳڙھي خيرو روڊ، قبو روڊ ۽ حسيني چوڪ سميت ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رھيا. ٽنڊي الهيار شھر ۾ به ڪاروبار بند رکيو ويو، روڊ رستا ٽرئفڪ نه ھئڻ ڪري ويران رهيا، پوليس جسم جي 5 ڪارڪنن کي زبردستي موٽرسائيڪلن تان ھيٺ لاھي موبائيل ۾ ويھاري ٿاڻي تي وٺي وئي. ان موقعي تي جسم اڳواڻن باغي حبيب الله ڪالرو، وقار بوزدار ۽ ٻين چيو ته سنڌ واسين ڊجيٽل آدمشماري کي نامنظور ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سکر، نوشهروفيروز، ڀٽ شاهه، چوهڙ جمالي، ميرپور بٺورو، گولاڙچي، ٽنڊوڄام، مورو، باقراڻي، وارهه، نصيرآباد، رتوديرو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند رکي جسم ۽ جسقم جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال بابت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پنهنجي بيان ۾ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان پُرامن هَڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ۽ روڊن تي ڌرڻا هنيا ويا، اسان سڄي سنڌ ماڻھن ۽ قومي شعور جا ٿورائتا آهيون جن ڊجيٽل آدمشماري جي نالي تي ٿيندڙ بوگس آدم ڳڻپ کي مڪمل رد ڪيو آهي. ھن چيو تھ پرامن احتجاج ڪرڻ جي ڏوھھ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي 25 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا تھ پرامن سياسي ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي. قاسم آباد ۾ پنھنجي رھائشگاھھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي رياض چانڊئي چيو تھ انگن جي هيرا ڦيري ذريعي حڪمران سنڌين جي وجود کي پنهنجي سرزمين تي سازشي انداز ۾ ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪري اسان کي ٽئين درجي جو شهري بڻائي اسان جي مادر وطن تي دائمي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا، سنڌين جي قومي وجود جي خاتمي واري سازش ۾ پيپلزپارٽي سهولتڪار بڻيل آهي، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ملڪ جي تاريخ جون اهي منافق ۽ احسان فراموش مافيائون آهن جن جو ڪم رڳو دهشتگردي ۽ نفرت پکيڙڻ آهي. ھن چيو تھ اڄ سنڌي قوم جي سخت ڏنل رد عمل کانپوءِ دنيا اندر واضح ٿي ويو آهي ته هن ملڪ جون مالڪ قوتون اسان کي فنا ڪرڻ گهرن ٿيون. ھن چيو تھ اڄوڪي ھڙتال ڊجيٽل آدم شماري، ڌارين جي آبادڪاري، سنڌو درياهھ تي پنجاب جي غير قانوني قبضي، قبيلائي دھشتگردي، ڌاڙيل راڄ، منشيات فروشي، عدالتن کان مٿانھان قتل، سنڌ مٿان مڙھيل ھٿرادو بک ۽ بدحالي خلاف ۽ 2022ع جي ٻوڏ جي متاثرن جي بحالي لاءِ ھئي، خوشحال سنڌ کي ڏاڍ جي بنياد تي بکيو ۽ بدحال رکيو ويو آهي، سنڌ جو امن يرغمال ڪيو ويو آهي، لاقانونيت جو اهو راڄ قبيلائي دهشتگردي، اغوا ۽ پوليس اهلڪارن کي سرعام مارڻ روز جو معمول بڻيل آهي، سنڌ جا 10 ضلعا مڪمل طور تي ڏوھارين جي حوالي آھن، انھن ضلعن ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ روزاني ماڻهو مرن ٿا، جتي اغوا جا واقعا صنعت ۾ تبديل ٿي ويا آهن، بدامني جي باهھ کي هٿرادو نموني پکيڙيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مٿي ڄاڻايل 8 اهم نقطن تي جدوجهد جاري رهندي ۽ وڌيڪ لائحہ عمل جوڙڻ لاءِ سڄي سنڌ جي ساڃاهه وندن سان ويهڪ رکي ويندي ۽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي سان صلاح کانپوءِ مستقبل جي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button