عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار پارٽي جي سربراهه رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي جي جلسي ۾ شرڪت لا سينيٽر مشاهد حسين سيد، استقلال پارٽي جي سربراهه ايڊووڪيٽ منظور گيلاني، پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئرمين نخبه تاج کي فون ذريعي دعوت ڏني. سينيٽر مشاهد حسين سيد ڳالهائيندي چيو ته رسول بخش پليجو منهنجو ذاتي دوست هو، جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي ۾ سندس بنيادي ڪردار هو، ان دوران آئون صحافي هئس ۽ مون صحافي جي حيثيت سان پليجي صاحب ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد تي لکيو، رسول بخش پليجو تاريخ ساز شخصيت جو مالڪ هو. سينيٽر مشاهد حسين سيد ورسي ۾ شرڪت جو يقين ڏياريو. استقلال پارٽي جي سربراهه ايڊووڪيٽ منظور گيلاني چيو ته رسول بخش پليجي سان اسان گڏجي مشرف جي مارشل لا خلاف جدوجهد هلائي. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي، عدليه ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ رسول بخش پليجي جي جدوجهد کي ڪنهن صورت ۾ وساري نٿو سگهجي، رسول بخش پليجي جيل ۽ تشدد برداشت ڪيو پر ڪڏهن به شڪست قبول نه ڪئي، هو سڄي زندگي عوام دشمن قوتن کي للڪاريندو رهيو. ٻئي طرف عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو آهي ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ رسول بخش پليجي جي ورسي جو جلسو اهم ثابت ٿيندو. ملڪ جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي قيادت کي گڏجڻ، موقف پيش ڪرڻ ۽ آئيندي جو گڏيل لائحه عمل جوڙڻ جو موقعو ملندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close