سنڌ

عالمي امن ڏهاڙو،پاڪ فوج جون سڄي دنيا ۾ شاندار خدمتون

بين الاقوامي امن مشن جو ڏهاڙو هر سال 29 مئي تي ملهايو ويندو آهي.آ ايس پي آر موجب 75 هين بين الاقوامي امن مشن جي ڏهاڙي ۽ امن مشن تحت پاڪ فوج گڏيل قومن جو امن مشن دنيا جي جنگ سٽيل علائقن ۾ رهندڙ ڪروڙين ماڻهن جي بحالي ۽ فلاح لا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڪ فوج جي پهرئين 1960ع ۾ ڪانگو ۾ مقرري کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جا 2 لک 25 هزار سيڪيورٽي اهلڪار دنيا جي 48 ملڪن ۾ گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ فرض انتهائي ايمانداري ۽ دلي ڪوششن سان ڏئي چڪا آهن. گڏيل قومن جي امن مشن جو حصو هوندي پاڪستان گڏيل قومن جي اي 4 پي ۽ اي 4 پي پلس جهڙن قدمن جي ڀرپور تائيد ڪئي آهي، جن ۾ امن مشنز کي فعال بڻائڻ ۽ ان ۾ شامل ماڻهن جي مشڪل ۽ جنگ سٽيل علائقن ۾ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لا کنيل قدم شامل آهن. پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور پاڪ ۽ هند ۾ مقرري دوران گڏيل قومن جي مشن کي هر ممڪن رسائي يقيني بڻائيندي گڏيل قومن جي چارٽر جي هر طرح پاسداري ڪئي آهي. بين الاقوامي امن کي يقيني بڻائڻ لا پاڪستان جي 171 جانبازن پنهنجي جانن جا نذرانا پيش ڪيا آهن، جن ۾ 27 آفيسر به شامل آهن. پاڪستاني دستن جي پيشيواراڻي خدمتن ۽ عظيم قربانين سبب دنيا جي وڳوڙ وارن علائقن ۾ امن قائم ٿيو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. پاڪستان هميشه جيان گڏيل قومن جي پائيدار امن وارين ڪوششن جي ڀرپور تائيد ڪري ٿو ۽ پنهنجون خدمتون پيش ڪندو رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button