ٽنڊي ڄام ۾ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ٽنڊوڄام شھر جي علائقي علي آباد ٽائون ۾ جوابدار عاشق کوسو فائرنگ ڪري پنھنجي گھرواري شمشاد ۽ نوجوان عبدالقيوم ويسر جو خون ڪيو ۽ پسٽل سميت ٿاڻي تي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. جوابدار عاشق کوسي ساڳي علائقي جي رهواسي عبدالقيوم ويسر تي ڪارنهن جو الزام لڳايو، جنهن بعد ٽنڊوڄام ٿاڻي تي گرفتاري پيش ڪندي اعترافي بيان ۾ چيو ته مون پنھنجي گھرواري ۽ عبدالقيوم کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آھي، عبدالقيوم ويسر جا منھنجي زال سان ناجائز لاڳاپا ھئا. ٻئي طرف ٽنڊوڄام پوليس ڪارنھن ھيٺ قتل ٿيل مائي شمشاد ۽ عبدالقيم ويسر جا لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي، جڏھن ته ٽنڊوڄام جي سڄاڻ ڌرين ڪارنھن الزام ۾ قتل جا واقعا وڌڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close