سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لا بجيٽ ۾ وڌيڪ 15 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو، نئين مالي سال 24- 2023ع لا بجيٽ ۾ امن امان لاءِ 160 ارب رپيا ۽ جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ 2 ارب 79 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، گذريل مالي سال جي بجيٽ ۾ 124 ڏهائي 87 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جيلز کاتي جو عملو وڌائڻ لا بجيٽ ۾ 463 ڏهائي 414 ملين مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ پوليس جي بهتري لا به بجيٽ ۾ قدم کنيا ويا آهن، ملٽري گريڊ هٿيارن جي خريداري لا ٻه ڏهائي 796 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، سنڌ پوليس لا نيون گاڏيون خريد ڪيون وينديون، جنهن لا به 3 ڏهائي 569 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اسپيشل برانچ لا به 846 ڏهائي 608 ملين رپيا ۽ دهشتگردي روڪڻ لا بجيٽ ۾ 868 ڏهائي 684 ملين رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ 3 هزار 446 ڄڻن تي مشتمل ڪرائوڊ مئنيجمينٽ يونٽ جوڙيو ويندو، جڏهن ته 4127 اهلڪارن تي مشتمل ريپڊ ريسپانس فورس ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو، انهن ٻنهي منصوبن لا ايندڙ سال 81 ڏهائي 48 ملين رکيا ويا آهن، بجيٽ ۾ صوبي جي اهم انٽري پوائنٽن کي محفوظ بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن کي هڪ ڏهائي 57 ارب رپين سان شروع ڪيو پيو وڃي، سنڌ پوليس جو حوصلو وڌائڻ لا هلندڙ مالي سال ۾ 272 ڏهائي 78 ملين رپيا طبي ادائيگين لا رکيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس جي خوراڪ جي مد ۾ 360 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close