تلهار مان 12 سالن جي نينگري گم ٿي وئي، جنهن جي مائٽن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. تفصيل موجب تلھار جي وارڊ نمبر 5 ۾ شفيع محمد ڪورائي جي نياڻي عرفانا پاڻي ڀرڻ لا گھران بالٽي کڻي نڪتي ھئي جيڪا واپس گھر نه موٽي. شفيع محمد ڪورائي عوامي پريس ڪلب تلھار پھچي دانھيندي چيو ته منھجي 12 ورهين جي نياڻي عرفانا رت جي کوٽ سبب بيمار به رهي ٿي، صبح ساڻ پاڙي مان پاڻي ڀرڻ وئي ھئي، جيڪا پورو ڏينهن گذرڻ باوجود ھٿ نھ اچي سگھي، اسان کي شڪ آهي ته نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آھي، جنھن جي ڳولا جاري آهي. وارثن آ جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته 12 ورهين جي نياڻي کي ڳولي بازياب ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close