سنڌ

ماتلي ۾ مڙس ڪاوڙيل زال ۽ سهري کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ماتلي تعلقي جي شهر ڦلڪارا ۾ ھڪ گھر مان زال مڙس ۽ سھري جا گوليون لڳل لاش ھٿ آيا آھن، وارثن ۽ پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار اعظم چانڊيو پسٽل جا فائٔر ڪري پھرين پنهنجي 22 ورھين جي زال ثمرين ۽ 70 سالن جي سھري تاج محمد چانڊيو کي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ پاڻ تي فائٔر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. گذريل رات دير سان ٿيل واقعي بابت ڳوٺاڻن ڦلڪارا پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتا ۽ کڻائٔي تعلقي اسپتال پھتي جتي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارث گھر کڻائي ويا. ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻن ٻارن جي ما ثمرين گذريل 2 مھينن کان مڙس اعظم چانڊيو کان ڪاوڙجي پنهنجي والد جي گهر ۾ ترسيل هئي، جنهن کي پرچائٔڻ ۽ گھر ھلڻ لا مڙس اعظم کيس زور ڀريندو رھندو ھو. واقعي واري رات 2 وڳي ڌاري جوابدار اعظم پنهنجي سھري جي گھر پھچي ننڊ ستل زال ثمرين ۽ سھري تاج محمد کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ پاڻ تي به فائٔر ڪري انت آڻي ڇڏيو، پوليس اھڙي رپورٽ داخل ڪري ورتي آھي. پوليس موجب جنهن مھل لاش کنيا ويا ته ان وقت الزام ھيٺ آيل اعظم چانڊيو جيئرو ھو جنهن اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏنو، واقعي بابت گھڻ رخي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button