سنڌ

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي خلاف حيدرآباد ۾ مظاهرو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي واري پاليسي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون جامي چانڊيو، رام اوڏ، حسين بخش چانڊيو، نثار لغاري ۽ امداد جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته ايس پي ايس سي ۾ پنهنجا نوازي ۽ رشوت جي بازار گرم هجڻ ڪري حقدار ۽ اهل اميدوارن کي حق نٿو ملي، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ها ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪري سبجيڪٽ ايڪسپرٽ کي 75 اسڪور ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ ايڪسپرٽ جو مينڊٽ چورائڻ بند ڪيو وڃي، شفافيت ۽ ميرٽ کانسوا ايس پي ايس سي جي ساک سواليا آھي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري، ڪنٽرولر ۽ ميمبرن کي عهدن تان هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button