حيدرآباد ۾ 7 ڏينھن اڳ نوراني بستي ۾ پورهيت نوجوان علي اڪبر قريشي کي ڦليلي پوليس پاران گرفتار ڪري مبينا مقابلي ۾ گولي ھڻي معذور ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ متاثر نوجوان جي وارثن انصاف جو جنازو کڻي شھباز بلڊنگ ڊي آ جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ماجد عباسي، نذير بليدي، نوجوان جي ما روبينا قريشي ۽ پيءُ افروز الدين قريشي چيو ته حيدرآباد ۾ ڪجهھ ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ڏوھارين جا سرپرست بڻيل آھن، ايس ايڇ او ڦليلي پورھيت علي اڪبر قريشي کي 6 جون تي گرفتار ڪرڻ بعد رشوت گھري پر رشوت ڏيڻ کان انڪار تي 4 ڏينھن بعد ڪوڙو مقابلو ڏيکاري علي اڪبر کي معذور ڪري ڇڏيو آھي، جعلي پوليس مقابلا ڪرپٽ ايس ايڇ اوز جي دھشتگردي آھن، جعلي مقابلي ۾ ملوث ايس ايڇ او ڦليلي ۽ ٻين اھلڪارن کي برطرف ڪري علي اڪبر قريسي ۽ سندس خاندان سان انصاف ڪيو وڃي. نوجوان جي ما روبينا قريشي چيو ته پوليس منھنجي پٽ کي ٻه ڀيرا گوليون ھڻي ٻنھي ٽنگن کان معذور ڪيو آھي، پوليس اڳ ۾ به 17 ڪيسن ۾ سندس نالو شامل ڪيو، جيڪي عدالت ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا. ڄاڻايل معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close