
عربي سمنڊ ۾ مڇي ۽ جھينگي جي شڪار لا ويل 35 ھوڙڻ ۾ سوار 250 ماھيگير اونهي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، جن جا وارث سخت پريشاني م وٺجي ويا آهن. ان حوالي سان پاڪستان فشر فوڪ جي وائيس چيئرمين نور محمد ٿھيمور تصديق ڪندي چيو ته گذريل هڪ ھفتي کان سمنڊ ۾ مڇي ۽ جھينگي جي شڪار لا جاتي جي مختلف ڍوڪن تان ويل 250 ماھيگير سمنڊ ۾ ڦاٿل آھن، اهي مهاڻا 35 ھوڙن ۾ سوار هئا، جيڪي اڃا تائين واپس ڪناري تي پھچي نه سگھيا آھن، جنھن ڪري سندن وارث سخت پريشان آھن. ھن چيو ته سمنڊ ۾ شڪار تي ويل مهاڻن سان ڪو رابطو نه ٿي سگھيو آھي، اعليٰ اختيارين کي فوري طور نوٽيس وٺي مهاڻن کي طوفان کان اڳ ڪناري تي واپس آندو وڃي.