بدين ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ اڃا به سوين خاندان ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن، چونڊيل نمائندا رڳو هڪ ڏينهن ڪئمپن ۾ پهچي فوٽو سيشن ڪرائي غائب ٿي ويا. پنهنجي ڳوٺن ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مال متاع ڪيڏانهن ڪريون، گهرن جي سار سنڀال ڪرڻ لا رهڻ مجبوري آھي. ٻئي طرف سمنڊ ۾ چاڙھه برقرار آھي، جڏهن ته سامونڊي پٽي جي ڳوٺن مان محفوظ هنڌن تي ڪئمپن ۾ منتقل ٿيل ماڻهن طرفان ڳوٺن ۾ ڇڏيل چوپائي مال جو چارو به ختم ٿي ويو آهي، جيڪو بکن ۾ پاھه ٿيڻ لڳو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close