حيدرآباد پوليس ٺڳ ۽ ڦورو گرفتار ڪري 56 لک رپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اي ايس پي علينا راڄپر ايس ايڇ اوز سان گڏ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نسيم نگر ۽ ڀٽائي نگر ٿاڻن جي حدن ۾ قمبر- شهدادڪوٽ مان آيل ٺڳ سادن ماڻهن تي علم ڪري پئسا ڦريندا هئا، جن خلاف ڪارروائي ڪري جوابدار شاهد سولنگي، راجا مغيري ۽ نديم ماڇي کي گرفتار ڪري شهرين کان کسيل 34 لک رپيا هٿ ڪري ورتا آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. ساڳئي وقت جوابدار عبدالرحيم پيرزادو ۽ عمران کي پڻ گرفتار ڪري شهرين کان ڦر ڪيل 12 لک رپيا هٿ ڪري ورتا آهن. هن ٻڌايو ته پوليس مختلف ٿاڻن جي حدن مان ڦر ۽ چوري ڪيل 24 موٽر سائيڪلون به هٿ ڪري ورتيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close