سامونڊي طوفان جو خطرو ته ٽري ويو پر ساحلي پٽي تي ان جا آثار رھجي ويا، تيز سامونڊي ويرون چڙھڻ ۽ زوردار برسات سبب شاھبندر جي ڳوٺن حاجي وريو جت، حاجي ابراھيم جت، وڏيرو گل محمد اپلاڻو، گنھور جت، مير جت، حاجي ربو ملاح، عمر ملاح ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جي تلائن ۾ کارو پاڻي شامل ٿي ويو، جنھن ڪري ماڻھو ۽ چوپايو مال پيئڻ جي پاڻي لا سخت پريشان آھي. مقامي ڳوٺاڻن نور جت، مجيد جت، بچايو ملاح، بابو ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺن کي ڏنل بچا بند سامونڊي ويرن سبب لڙھي ويا ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي مٺي پاڻي جي تلائن ۾ پئجي ويو، جنهن ڪري ھاڻي اسان وٽ مٺي پاڻي جو ٻيو ڪو به وسيلو ناھي، ضلعي انتظاميا اسان کي مٺي پاڻي جو بندوبست ڪري ڏئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close