سنڌ

سمنڊ ۾ شڪار تي ويل جاتي جا 7 مهاڻا ڏهين ڏينهن به گهرن ڏانهن واپس نه موٽيا

سامونڊي طوفان اچڻ کان اڳ جاتي جي ساحلي ڳوٺ قاسم ٿھيمور جي رھواسي عباس ٿھيمور، سومار ٿھيمور، حمزو ٿھيمور، مانو ٿھيمور سميت 7 مهاڻا ھوڙي ۾ سوار ٿي جھينگي مڇي جي شڪار لا سمنڊ ۾ ويل ھئا جيڪي 10 ڏينھن گذرڻ باوجود واپس نه پھتا آھن. جاتي شھر جي ڪئمپ ۾ ترسيل مائي زينت ٿھيمور صحافين آڏو دانھيندي چيو ته طوفان جي خطري کان پھرين منهنجي ٻن ناٺين سميت 7 ڄڻا مڇي جو شڪار ڪرڻ سمنڊ ۾ ويا ھئا جن کي اڄ ڏھه ڏينھن ٿي ويا آھن پر واپس نه آيا آھن، تنهن ڪري اسان سخت پريشان آھيون، حڪومت کان اپيل آھي ته سمنڊ ۾ گم ٿيل ھوڙي سميت ماھيگيرن جي ڳولا ڪري کين واپس آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button