حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي نئين چونڊيل ميئر ڪاشف علي شورو ۽ ڊپٽي ميئر صغير احمد قريشي حلف کڻي ورتو آهي. حلف برداري واري تقريب حيدرآباد ڪلب ۾ ٿي، ڊويزنل ڪمشنر بلال احمد ميمڻ ميئر حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ميئر کان عهدي جو حلف ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي ۽ ٻيا پڻ تقريب ۾ شريڪ ٿيا. ٻئي طرف نئين چونڊيل ميئر ڪاشف شوري حيدرآباد کي عالمي معيار جو 50 ورهين جو ماسٽر پلان ڏيارڻ، راڻي باغ ۽ نياز اسٽيڊيم کي جديد انداز سان بڻائڻ ۽ ايڇ ايم سي جي ملڪيتن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام ووٽ جي طاقت سان پيپلز پارٽي جي نمائندن کي ڪامياب ڪري نفرت جي سياست جو خاتمو آندو آهي، عوام جي اعتماد ۽ اميدن تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، حيدرآباد کي عالمي معيار جو ايندڙ 50 ورهين جو ماسٽر پلان ڏيارڻ، راڻي باغ ۽ نياز اسٽيڊيم کي به جديد انداز ۾ بهتر ڪرڻ سميت عوام جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جو ترت حل منهنجي پهرين ترجيح آهي، شهر جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلندس. هن چيو ته ماضي ۾ حيدرآباد جي سياست ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو، جنهن کي پيپلز پارٽي عوامي طاقت سان ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ هن شهر ۾ نفرت نه پر عوامي خدمت جي سياست هلندي، پ پ سرڪار پهريان به حيدرآباد ۾ تاريخي ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ هاڻ به عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ آّخري حد تائين وينداسين، پارٽي قيادت جي هدايت تي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ميئر حيدرآباد جي آفيس جا در هر وقت کليل رهندا. عوام جا مسئلا ٻڌي ترت حل ڪرائيندس. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪاشف شوري چيو ته ڪم ڪرڻ وارن بلدياتي نمائندن کي بلدياتي ايڪٽ تحت وڏا اختيار مليل آهن، صرف عوام جا ڪم ڪرڻ جو جذبو هجي، جتي به ضرورت پئي ته سنڌ سرڪار کان مدد به وٺنداسين، حيدرآباد جي سمورين سياسي جماعتن، ميڊيا ۽ واپاري تنظيمن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلنداسين، حيدرآباد جي اصل حيثيت بحال ڪندس، ايڇ ايم سي جون اسپتالون ۽ اسڪول بحال ڪرايا ويندا، گڏيل ڪوششن سان ئي حيدرآباد کي سنڌ جو ترقي يافتا ۽ خوبصورت شهر بڻائي سگهون ٿا. ڊپٽي ميئر صغير قريشي چيو ته پارٽي قيادت اسان جي ڪلهن تي حيدرآباد جي عوام جي خدمت جي وڏي ذميواري رکي آهي، اسان بنا ڪنهن رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهبي فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکون ٿا، حيدرآباد واسين جا تعليم، صحت ۽ امان امان بابت بنيادي مسئلا حل ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close