سنڌ هاري ڪميٽي طرفان شهيد مائي بختاور جي ورسي جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون تصوير رکي کيس ميڻ بتين ۽ گلن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته مائي بختاور سنڌ جي اها بهادر عورت هئي جيڪا ظلمن خلاف وڙهندي شهيد ٿي، بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي جنهن طريقي سان مائي بختاور جو ڪيس وڙهيو، اهڙو سنڌ ۾ ٻيو ڪو مثال نٿو ملي، سنڌ کي مائي بختاور جهڙي بي باڪ ڪردار تي هميشه فخر رهندو. ان موقعي احمد نواز انقلابي، وجود علي شر، آزاد عالم لاشاري، ڪامريڊ محبوب حيدر ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close