سنڌ

“ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪريو” نوابشاهه ۾ احتجاج

ڌاٻيجي ويجهو بيدردي سان قتل ٿيل ناظم جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ھاري ڪميٽي پاران پير شھاب، ذوالفقار رستماڻي، اقبال جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث مک قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم لڳائي ڪنھن به راضي نامي يا ٺاهه جا رستا بند ڪيا وڃن، سنڌ ۾ ناياب پکين ۽ جانورن جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button