سنڌ

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن سان واعدا وفا نه ٿيا، احتجاجي مظاهرو

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن سان عيد تي به واعدا وفا نه ٿيا، ملازم تنظيم جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي تنظيم جي صدر خاور علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري آصف ابڙو، سربرست اعليٰ فضل شاهھ، عبدالحئي ڀٽو ۽ شير ڄامڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر عيد گريشيا، فل بيسڪ پگهار، فوتي ڪوٽا جا سمورا آرڊر ۽ خيرپور ڪاليج جي ملازمن کي پروموشن ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا مطالبا اڃا تائين منظور نه ڪيا ويا آھن، جنهن ڪري اسان مجبور ٿي احتجاج جو گس ورتو آهي. هنن چيو ته وائيس چانسلر فتح محمد مري کان گذارش ٿا ڪريون ته عيدالاضحيٰ ويجهو اچي وئي آهي، غريب مسڪين ملازمن جا مطالبا ھنگامي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button