سنڌ

نشا ڪولهي سان زيادتي ۽ قتل جي جاچ شروع، اي ايس پي ۽ راول شرجيل ميمڻ وارثن وٽ پهچي ويا

صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ جي خاص هدايتن تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ ۽ اي ايس پي علينا راڄپر شيخ ڀرڪيو ويجهو پٻڻ ٿاڻي جي حد ۾ مبينا زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري نشا ڪولهي جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پي ايس 63 جي اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ چيو ته سڌ سما بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايس ايس پي حيدرآباد کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت سزا ڏياري وڃي. هن چيو ته هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. راول شرجيل سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جڏهن ته متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ان موقعي تي اي ايس پي علينا راڄپر چيو ته معصوم نياڻي جي قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ پوليس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته اسان هر پاسي کان جاچ ڪري رهيا آهيون، ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي جي هدايتن تي جوڙيل جاچ ٽيم پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، نينگري جي قاتلن کي تمام جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ متاثر ڪٽنب کي انصاف ڏيارينداسين. ان موقعي تي ٽائون ميونسپل ڪميٽ جو چيئرمين نور محمد ٿيٻو ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button