سنڌ

زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾ بلن تان جهيڙو، حيسڪو عملي کي مارڪٽ، ردعمل ۾ بجلي بند، ڌرڻو

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي رهائشي ڪالوني ۾ حيسڪو عملي ۽ رهواسين ۾ جهيڙي بعد اسٽاف کي يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪئي وئي، جنهن تان سوين گهرن تي مشتمل ڪالوني جي واپڊا وارن بجلي بند ڪري ڇڏي ۽ ڪيس داخل ٿيڻ تائين بجلي نه کولڻ جو اعلان ڪيو، رهواسين سخت احتجاج ڪري روڊ تي ڌرڻو به هنيو آهي. تفصيل موجب زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي رهواسين 24 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت گذري وڃڻ باوجود بجلي نه کولڻ خلاف حيدرآباد- ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهي ويون. ڪالوني جي راهوسين صحافين کي ٻڌايو ته ڪالوني واسين جا بجلي جا بل پياريل آھن، پو به حيسڪو عملو هر ٻئي ڏينهن ڪالوني اندر اچي اسان جون لائينون ڪٽي وڃي ٿو، گذريل 24 ڪلاڪن کان بنا سبب جواز يونيورسٽي ايڊمنسٽريشن سميت ڪالوني واسين جي ٽنڊوڄام فيڊر تان بجلي بند ڪئي وئي آھي، قهر جي گرمي ۾ بجلي نه هجڻ ڪري سخت پريشان آهيون ۽ گهرن ۾ پيئڻ لا پاڻي به ناهي. ٻئي طرف ڊي ايس پي ٽنڊوڄام ۽ ايس ايڇ او مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري بجلي بحال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ٽن ڪلاڪن تائين بند ڪيل روڊ کولرائي ورتو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او واپڊا چيو ته آچر ڏينهن ايڪس اي اين، ٻيا بالا آفيسر ۽ سندن عملو زرعي يونيورسٽي جي رهواسين ۽ يونيورسٽي ڏانهن رهتو ساڍا 12 ڪروڙ رپيا بقايائن جي حوالي سان ڳالهائڻ لا زرعي يونيورسٽي جي ويلفيئر آفيس پهتا جتي ڪالوني جي رهواسين بنا ڪنهن ڳالھه ٻول جي اسان مٿان حملو ڪري ڏنو، مون سميت آفيسرن کي ٽي ڪلاڪن تائين ويلفيئر آفيس اندر هڪ ڪمري ۾ يرغمال بڻايو ويو ۽ رهواسين واپڊا عملي کي مارڪٽ پڻ ڪئي، کانئن موبائيل ڦون ۽ بلن جا 60 هزار رپيا پڻ ڦر ڪيا ويا، لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن بعد يرغمالين کي ڇڏيو ويو. هن چيو ته حملو ڪندڙ رهواسين عمران ٻٻر، اختر علي جوڻيجو، سومر منگي ۽ 120 جي لڳ ڀڳ نامعلوم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لا ٽنڊوڄام پوليس کي چيوسين پر پوليس به ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ايس ڊي او چيو ته بقايائن جي مد ۾ رهيل ساڍا 12 ڪروڙ ادا ڪري جيستائين نامزد ماڻهن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين زرعي يونيورسٽي فيڊر جي بجلي مڪمل طور بند رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button