سنڌ

عوامي تحريڪ جون پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ميهڙ ۽ وارهه ۾ ريليون، ڌرڻا

سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ طرفان ميهڙ ۽ وارهه ۾ ريليون ڪڍي ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. ميهڙ ۾ راڌڻ اسٽاپ کان گهنٽا گهر چوڪ تائين نڪتل ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، مرڪزي پريس ترجمان ڪاشف ملاح، ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، تعلقي ميهڙ جي صدر ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. هوڏانهن وارهه تعلقي جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جي سينيئر نائب صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، عوامي تحريڪ ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ جي صدر عرفان منان ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي صدر عاطف ملاح جي اڳواڻي ۾ عوامي هائوس کان ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ڪارڪنن “پاڻي تي ڌاڙا نامنظور”، “جلال پور ڪينال نامنظور”، “ٿل ڪينال فيز ٽو نامنظور”، ڊيم ٺاهڻ- سنڌ سڪائڻ بند ڪريو” ۽ ٻيا نعرا هنيا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جي حڪمرانن سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي ناهي، فصل سڙي رهيا اهن ۽ چوپايو مال مري رهيو آهي پر سنڌ حڪومت هي معاملو سي سي آ ۾ رکڻ لا تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي جا جيڪي ٻه چار ڍڪ سنڌ ۾ پهچن ٿا سي پيپلز پارٽي جا حڪمران سنڌ جي ايريگيشن کاتي ۽ وفاقي حڪومت سان ملي ڀڳت ڪري پاڻي تي ڌاڙا هڻي کڻي وڃن ٿا. هنن چيو ته جڏهن پاڻي ۾ اضافو ٿيندو آهي ته اوچتو ڊيم خالي ۽ ڪينال بند ڪيا ويندا آهن جنهن ڪري سنڌ ۾ هٿرادو طور ٻوڏ ايندي آهي، هن وقت جڏهن اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي ته پنجاب ۾ ٻوڏن لا ٺهيل ڪينال وهي رهيا آهن، پنجاب جي ڏيڍ لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ لا جلال پور ڪينال ٺاهيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي ڏيڍ لک زرخيز زمين غيرآباد ٿي ويندي، مٿان وري ٿل ڪينال فيز ٽو ٺاهي سنڌ کي ايٿوپيا کان وڌيڪ تباهه ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙا بند ڪرايا وڃن، ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي لغام ڏئي ڦرن، ڌاڙن ۽ چورين ۾ ملوث جوابدارن، پاٿاريدارن ۽ سندن ساٿارين کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button