نندي ۾ ڪڍڻ سب ڊويزن جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ علي واهه، شير واهه ۾ پاڻي جي گهٽ گيج خلاف آبادگار حفيظ ميمڻ جي اڳواڻي ۾ علي واهه ريگيوليٽر تي احتجاج طور بک هڙتال تي ويهي رهيا. ان موقعي تي آبادگارن حفيظ ميمڻ، غفور چانڊيو، حاجي سونهارو ملاح ۽ شاهد جمالي چيو ته ڪڍڻ سب ڊويزن جي سمورن واهن کي سيڊا ڊائريڪٽر غلام مجتبيٰ ڌامراهه هٿ سان بند ڪري آبادگارن جو معاشي قتلام ڪري رهيو آھي، آبادگار ڪڻڪ،وونئڻ ۽ ڪمند سميت ڪو به فصل پوکي نه سگهيا آھن، مٿان وري سارين جي سيزن ۾ سارين جو ٻيجارو به نه پوکيو آھي. هنن چيو ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي ڪا کوٽ ناھي پر آبپاشي عملدار ڪڍڻ سب ڊويزن جي آبادگارن سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪري رهيا آھن. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ڪڍڻ سب ڊويزن جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج طور ٿرڪول روڊ بند ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close