زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ڪڍڻ سب ڊويزن جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي بک هڙتال

نندي ۾ ڪڍڻ سب ڊويزن جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ علي واهه، شير واهه ۾ پاڻي جي گهٽ گيج خلاف آبادگار حفيظ ميمڻ جي اڳواڻي ۾ علي واهه ريگيوليٽر تي احتجاج طور بک هڙتال تي ويهي رهيا. ان موقعي تي آبادگارن حفيظ ميمڻ، غفور چانڊيو، حاجي سونهارو ملاح ۽ شاهد جمالي چيو ته ڪڍڻ سب ڊويزن جي سمورن واهن کي سيڊا ڊائريڪٽر غلام مجتبيٰ ڌامراهه هٿ سان بند ڪري آبادگارن جو معاشي قتلام ڪري رهيو آھي، آبادگار ڪڻڪ،وونئڻ ۽ ڪمند سميت ڪو به فصل پوکي نه سگهيا آھن، مٿان وري سارين جي سيزن ۾ سارين جو ٻيجارو به نه پوکيو آھي. هنن چيو ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي ڪا کوٽ ناھي پر آبپاشي عملدار ڪڍڻ سب ڊويزن جي آبادگارن سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪري رهيا آھن. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ڪڍڻ سب ڊويزن جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج طور ٿرڪول روڊ بند ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button