بدين ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ڊاڪٽر علي نواز بلوچ ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر بشير احمد نوتڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته بدين ضلعي جي مير واهھ، قاضيا واهھ، مٺنا مائينر ۽ راڄ واھه سميت مڙني واھن جي پڇڙي ۾ پاڻي جو بدترين بحران ھلي رھيو آھي جنھن ڪري جولا ۾ به آبادگار سارين جو فصل پوکي نه سگھيا آھن، اپريل جي آخر تائين سارين جي پوک لا ملندڙ پاڻي اڃا تائين نه مليو آھي جنھن ڪري تيار ڪيل زمينون خراب ٿي رھيون آھن. ھنن وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته بدين ضلعي جي اڪرم واھه ڊويزن ۽ ڦليلي ڪئنال جي واھن ۾ پاڻي پھچايو وڃي. آبادگارن جي احتجاج بعد ايس ڊي او آبپاشي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ واعدو ڪيو ته اڄ کان ئي 3 فوٽ پاڻي ڇڏيو ويندو ۽ سومر کان پورو پاڻي ڏنو ويندو، ايس ڊي او جي اھڙي خاطري تي آبادگارن ڌرڻو ختم ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close