زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، اڄ کان فراهمي جي خاطري

بدين ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ڊاڪٽر علي نواز بلوچ ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر بشير احمد نوتڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته بدين ضلعي جي مير واهھ، قاضيا واهھ، مٺنا مائينر ۽ راڄ واھه سميت مڙني واھن جي پڇڙي ۾ پاڻي جو بدترين بحران ھلي رھيو آھي جنھن ڪري جولا ۾ به آبادگار سارين جو فصل پوکي نه سگھيا آھن، اپريل جي آخر تائين سارين جي پوک لا ملندڙ پاڻي اڃا تائين نه مليو آھي جنھن ڪري تيار ڪيل زمينون خراب ٿي رھيون آھن. ھنن وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته بدين ضلعي جي اڪرم واھه ڊويزن ۽ ڦليلي ڪئنال جي واھن ۾ پاڻي پھچايو وڃي. آبادگارن جي احتجاج بعد ايس ڊي او آبپاشي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ واعدو ڪيو ته اڄ کان ئي 3 فوٽ پاڻي ڇڏيو ويندو ۽ سومر کان پورو پاڻي ڏنو ويندو، ايس ڊي او جي اھڙي خاطري تي آبادگارن ڌرڻو ختم ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button