زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ڪاٽن جنرز ڪپهه جي امدادي قيمت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر جيسو مل لماڻي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪپهه جي في مڻ 8500 رپيا في مڻ امدادي قيمت کي ختم ڪري هنگامي بنيادن تي ميڪنزم تيار ڪري حڪومت پاڻ ئي هارين کان ڪپهه خريد ڪري. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ايسوسي ايشن جي ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جيسو مل چيو ته حڪومت ڪپهه جو امدادي اگهه 8 هزار 500 رپيا مقرر ڪيو آهي، پر عالمي مارڪيٽ ۾ ڪپهه جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي آهي، خراب معاشي صورتحال، مهانگي بجلي، ڳاٽي ڀڳن ٽيڪسن ۽ بئنڪ مارڪ اپ ۾ لڳاتار واڌ سبب سرڪاري اگهه تي ڪپهه خريد نه ڪري سگهيا آهيون، جنهن سبب عوام کي ڪپهه جي مقرر ڪيل سرڪاري امدادي قيمت به نه ملي رهي آهي. حڪومت کان گذارش آهي ته جلد کان جلد ڪپهه جي حوالي سان ڪا پاليسي لاڳو ڪئي وڃي، جيڪڏهن حڪومت اسان کان ڪپهه خريد ڪري ته پوءِ اسان عوام کي سرڪاري اگهه ادا ڪري سگهون ٿا، ٻي صورت ۾ اسان پنهنجا ڪرشنگ خرچ ڪڍي ڪپهه خريد ڪنداسين. هن چيو ته اڳ بجلي 13 رپيا في يونٽ هئي، هاڻي 50 رپيا في يونٽ ٿي وئي آهي، گذريل سال بئنڪ مارڪ اپ 8 سيڪڙو هو جيڪو 26 سيڪڙو تائين وڌائي 800 رپيا ٿي ويو آهي. هن چيو ته حڪومتن جي ناقص پاليسين سبب سڄي ملڪ ۾ ڪپهه جي پوک ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، گذريل پنجن ستن سالن دوران ڪپهه جي پيداوار 15 ملين بيلز مان گهٽجي 5 کان 7 ملين بيلز تي اچي وئي آهي، بهتر اگهه نه ملڻ ڪري ماڻهو ڪپهه جي پيداوار ڇڏي ٻيا فصل پوکڻ لڳا آهن، پنجاب ۾ ڪپهه جي پوک 55 لک ايڪڙ مان گهٽجي 38 لک ايڪڙ تي اچي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪپهه جي پوک 16 لک ايڪڙ مان گهٽجي 12 لک تي اچي وئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪپهه جي خريداري بابت اڃا تائين حڪمت عملي تيار نه ڪئي آهي ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن پاڪستان به هن سال ڪپهه خريد ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن ان سلسلي ۾ ڪاٽن ڪمشنر اسلام آباد سان به رابطو ڪيو، جنهن ٻڌايو ته وفاق في الحال ڪا به تياري نه ڪئي آهي، پر 11 جولاءِ تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button