حيدرآباد ڀرسان سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻن ٻارن جا لاش هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڏي فوت ٿيل ٻئي ٻار پاڻ ۾ ڀائر هئا. قاسم آباد جي عبدالله اوينيو سان تعلق رکندڙ ٽي ڀائر 15 ورهين جو حنين سومرو، 13 ورهين جو حسنين سومرو ۽ 11 ورهين جو معيز پٽ خادم حسين سومرو ڇنڇر واري ڏينهن ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ وهنجندي ٻڏي ويا هئا، ٻارن کي ٻڏندي ڏسي ڪپ تي بيٺل ڪجهه ماڻهن نينگر معيز کي بچائي ورتو پر سندس 2 ڀائر حسنين ۽ حنين ٻڏي ويا. ٻنهي ٻارن جي ڳولا لاءِ 1122 جي ريسڪيو ٽيمن کي به ٽوٻن سميت طلب ڪيو ويو. ريسڪيو ٽيمن ڳولا ڪري حسنين جو لاش آچر ڏينهن صبح جو ڪڍي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، جڏهن ته 24 ڪلاڪن بعد حنين جو لاش به ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان معصوم ڀائرن جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا جيڪي تدفين لاءِ لاڙڪاڻي کڻائي ويا، فوتي ٻارڙن جا لاش ملڻ بعد سندن وارث هنجون هاريندا رهيا ۽ گهر ۾ ڪهرام متل رهيو. نينگرن جو والد ۽ والده سڄو ڏينهن پنهنجن پيارن پٽڙن جي لاشن جي ملڻ جي آس ۾ درياهه جي ڪپ تي ويٺل رهيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close