سنڌ

حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جا يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر پيپلز پارٽي ۾ شامل

حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا آهن، بلديا حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري ميئر سيڪريٽريٽ ۾ يوسي 50 ٽائون ميونسپل ڪارپويشن پريٽ آباد تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽڪيٽ هولڊر سيف الله شاهه بخاري جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات ڪئي. ميئر ڪاشف شورو سان ملاقات ۾ سيف الله شاهه بخاري پنهنجي وفد جي سمورن ميمبرن سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. وفد ۾ يوسي 50 جو ٽڪيٽ هولڊر عبدالغفار، ٽڪيٽ هولڊر وائيس چيئرمين محمد عمران، عبدالوحيد ۽ وارڊ نمبر ٽي يوسي 50 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جا نوان چونڊيل جنرل ڪائونسلر به شامل هئا، جن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان موقعي تي ميئر ڪاشف شوري پ پ ۾ شموليت تي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا در سڀني لاءِ کليل آهن، اسان حيدرآباد شهر جون رونقون بحال ڪنداسين ۽ شهرين جا مسئلا توهان سان گڏجي حل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو مقصد حيدرآباد جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button