سنڌ

ٺٽي ۾ پي ايس ٽي جا آفر آرڊر هفتي اندر ڏينداسين: ڊي اِي او پرائمري

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (ڊي اِي او) پرائمري ٺٽو حاجي محمد رحيم سومرو آ بي اي ٽيسٽ ذريعي پاس ٿيل پرائمري ٽيچنگ جي اميدوارن کي هفتي اندر آفر آرڊر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. نين ڀرتين جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊي اي او پرائمري محمد رحيم سومري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هفتي اندر سڀني ميل توڙي فيميل پي ايس ٽي اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي ڇڏيون، ان کانپو اميدوارن کي فٽنيس ٽيسٽ ۽ پوليس رپورٽ وغيره جي مرحلي مان گذرڻو پوندو، جنهن ۾ پڻ 15 ڏينهن کن جو وقت لڳي ويندو. هن چيو ته پي ايس ٽي جي جاري ڪيل شروعاتي ريڪمنڊيشن لسٽ ۾ جن اميدوارن تي اعتراض (آبجيڪشن) لڳو، انهن کي آچر تائين اصل دستاويز سميت ڊي اِي او آفيس پهچي ڪاغذن جي تصديق ۽ درستگي جو وقت ڏنو ويو هو، جڏهن ته هاڻي دستياب يا خالي سيٽن مطابق جلد آفر آرڊر جاري ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته مان ڊسمبر 2023ع ۾ رٽائر ٿي رهيو آهيان پر ان کان پهرين آ بي اي ٽيسٽ پاس سڀني اميدوارن کي جوائننگ ڪرائي روزگار سان لڳائي ويندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button