سنڌ

لطيف آباد ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ تي حيسڪو خلاف توا کڻي مظاهرو

حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 9 ۾ ڇهن ڏينھن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ تي شهرين ۽ عورتن توا کڻي انجمن گرلز اسڪول سامهون حيسڪو عملدارن خلاف مظاھرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ نصرت خاصخيلي، غلام بتول، سلمي پنھور، ڪلثوم بيبي، شڪورن اجميري ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي عورتن چيو ته 6 ڏينھن کان بجلي نه ھجڻ ڪري علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي ختم ٿي ويو آھي. شديد گرمي ۾ بزرگ، ٻار ۽ عورتون پريشان آھن. حيسڪو چيف، اي سي، ايڪسيئن لطيف آباد ۽ سب ڊويزن علاما اقبال جي ايس ڊي او کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود سڙيل ٽرانسفارمر لاهڻ لا به تيار نه آهن، حيسڪو جا ايجنٽ چون ٿا ته اسين ايس ڊي او سميت مٿي تائين رشوت ڏيندا آھيون، ڀلي ڪيترا به احتجاج ڪيو پر پئسن کانسواءِ ڪم نه ٿيندو. هنن وڌيڪ چيو ته حيسڪو جا آفيسر فون نٿا کڻن، بجلي جلد بحال نه ٿي ته سومر تي حيسڪو چيف جي آفيس سامھون ٻارن ۽ بزرگن سميت ڌرڻو ھنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button