سنڌ

حيدرآباد واسي دوستن سان فيصل آباد ويجهو موٽر وي تي حادثو، هڪ فوت، 2 سخت زخمي

فيصل آباد ويجهو موٽر وي تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ حيدرآباد جو هڪ نوجوان فوت ٿي ويو ۽ سندس 2 دوست زخمي ٿي پيا آهن. خبر موجب قاسم آباد واسي نوجوان مرزا علي مغل پنهنجي ٻن دوستن سراج شيخ ۽ فيصل قمبراڻي سان گڏ تفريح لا ڪار ۾ ناران ۽ ڪاغان وڃي رهيو هو ته فيصل آباد موٽر وي تي ٽائر ڦاٽڻ ڪري ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ مرزا علي مغل فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس دوست سراج شيخ ۽ فيصل قمبراڻي سخت زخمي ٿي پيا آهن، فوتي مرزا علي مغل جو تعلق ڀٽائي ٽائون سان ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته سندس زخمي دوست سراج شيخ سمن آباد ۽ فيصل قمبراڻي ماروي گارڊن جا رهواسي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button