زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

زرعي يونيورسٽي جي 177 قابل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ، چيڪ ڏنا ويا

بينظير انڊرگريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي مختلف فيڪلٽين جي 177 مستحق ۽ قابل شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا، ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ٿيل تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي، جڏھن ته يونين ڪائونسل ٽنڊوڄام جي چيئرمين نعيم الرحمان ميمڻ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته چٽاڀيٽي جي هن دور ۾ شاگردن کي پنهنجي قابليت ثابت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي شخصيت ۽ معيار کي ملڪي ۽ عالمي ادارن جي گھرجن مطابق اڀارڻو پوندو، وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجي اداري ۽ غريب شاگردن سان سھڪار لاءِ اسڪالرشپ، انٽرن شپ ۽ روزگار جي حوالي سان مدد ڪن، ان موقعي تي خاص مهمان نعيم الرحمان ميمڻ غريب ۽ مستحق شاگردن لاءِ پنهنجي طرفان ٻه اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا ويا آهن، بئنڪن سميت ٻين ادارن ۾ انٽرن شپ جي موقعن ۾ به زبردست اضافو ٿيو آهي، ان موقعي تي فوڪل پرسن سيد نعمان شاهه پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button